دل جي بيمارين بابت اداري ۾ پهريون ڀيرو سينو کولڻ بنا دل جي سرجري شروع

news

ڪراچي: آچر 24 جون 2018ع: قومي اداري دل جي بيماري واري اسپتال ۾ پهريون ڀيرو سينو کولڻ بنا دل جي سرجري شروع ڪري ڇڏي جڏهن ته ناڪارا دل جي مريضن جي دل کي ڪارآمد بڻائڻ جو منصوبو به شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

آمريڪا مان دل جي پيوندڪار ۽ مڪينيڪل هارٽ لڳائيندڙ ماهرن جي ٽيم به ڇنڇر تي ڪراچي پهچي وئي، پاڪستان جي دل جي مرضن بابت قومي اداري ۾ پهريون ڀيرو دل جي بائيوايپيسي به شروع ڪرڻ جا سمورا انتظام به مڪمل ڪيا ويا.

دل جي مرضن بابت قومي اداري جي فيڪلٽي ۾ شموليت اختيار ڪندڙ آمريڪا ۾ هارٽ ٽرانسپلانٽ ڪندڙ مشهور پاڪستاني ڊاڪٽر پرويز چوڌري ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته دل جي بائيوايپسي انهن مريضن جي ڪئي ويندي آهي جن دل جي پيوندڪاري ڪرائي هجي، پاڪستان ۾ ناڪارا دل جي مريضن جو تعداد 70 لک آهي، ناڪرا دل کي ڪارآمد بڻائڻ لاءِ پهريون ڀيرو دل جي مرضن بابت قومي اداري ۾ علاج شروع ڪيو پيو وڃي.

هن ٻڌايو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو دل کي ڪارآمد بڻائيندڙ ٽيم آمريڪا کان ڪراچي پهچي وئي جيڪا ڪراچي جي دل جي مرضن بابت قومي اداري ۾ ناڪارا يا دل جي ڪارڪردگي متاثر ٿيندڙ مريضن جو مڪمل مفت علاج انهن جي دل کي ڪارآمد بڻائيندي.

پروفيسر پرويز چوڌري جو چوڻ هو ته اها ٽيم دل جي مرضن بابت قومي اداري جي ڊاڪٽرن سميت ٻئي عملي کي مڪينيڪل هارٽ ۽ دل جي پيوندڪاري جي به خاص تربيت ڏيندي، هن جو چوڻ هو ته ناڪارا دل کي ڪارآمد بڻائڻ جا 4 طريقا هوندا آهن، ميڊيڪل مينيجمينٽ، سرجيڪل، مڪينيڪل سپورٽ ۽ ٽرانسپلانٽ شامل هوندا آهن.