نواز شريف کي چيو هو ته چونڊن ۾ حصو نه ٿو وٺڻ چاهيان: جاويد هاشمي

news

ملتان: آچر 24 جون 2018ع: مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مخدوم جاويد هاشمي جو چوڻ آهي ته ملتان جلسي ۾ نواز شريف کي چيو هو ته چونڊن ۾ حصو وٺڻ نه ٿو چاهيان، ڊسمبر ۾ جڏهن ٽڪيٽ جي آڇ ٿي ته رفيق رجوانا سان ملاقات ڪئي ۽ کيس چيو ته اوهان ئي اميدوار هوندا مان اوهان لاءِ ووٽ گهرندس.

ميڊيا سان ڳالهائيندي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مخدوم جاويد هاشمي جو چوڻ هو ته مون اڄ تائين ن ليگ کي ٽڪيٽ لاءِ درخواست نه ڏني، ميڊيا ۾ غلط هلايو ويو ته مان اليڪشن تان هٿ کڻي ويو آهيان مان ته چونڊن ۾ حصو ئي نه ٿو وٺڻ چاهيان، مون پارٽي جي چونڊ تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا پر مان اميدوار ناهيان، ميان صاحب جي چوڻ تي صرف نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ۽ انهن ٻنهي کان سفارش ڪئي ته اوهان ٽڪيٽ جنهن کي چاهيو ڏئي ڇڏيو.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ملتان جلسي ۾ نواز شريف کي چيو هو ته چونڊن ۾ حصو نه ٿو وٺڻ چاهيان، ڊسمبر ۾ ان سان پهرئين ملاقات ڪئي، مان ن ليگ سان نسلن جي رشتي جي بحالي چاهيان پيو، مون پاڻ اڄ تائين ڪابه درخواست ن ليگ کي ناهي ڏني.

مخدوم جاويد هاشمي جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڊسمبر ۾ جڏهن ٽڪيٽ جي آڇ ٿي ته رفيق رجوانا سان ملاقات ڪئي ۽ کيس چيو ته اوهان ئي اميدوار هوندو مان اوهان لاءِ ووٽ وٺندس.