حيدرآباد ۾ پاسبان پاڪستان پاران عافيا صديقي جي آزاديءَ لاءِ احتجاج

news

 حيدرآباد: آچر 24 جون 2018ع: پاسبان پاڪستان حيدرآباد پاران ڊاڪٽر عافيا صديقي جي آمريڪا جي قيد مان آزادي لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري آمريڪا خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ارشيد آرائين، منظور احمد خان ۽ ٻين چيو ته پاڪستاني نياڻي ڏهاڪن کان آمريڪا جي قيد ۾ آهي افسوس آهي جو پاڪستان جا حڪمران پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي نياڻي کي آمريڪي قيد مان آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪو به ڪردار ادا نه ڪري رهيا آهن.

هنن چيو ته ڊاڪٽر عافيا صديقي کي ناحق آمريڪا اختيارين قيد ڪري رکيو آهي. هنن نگران وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر عافيا صديقي جي آزادي لاءِ آمريڪا سان ڳالهيون ڪيون وڃن.