قاضي احمد ڀرسان ناري جو گهر مان ڦاهو کاڌل لاش هٿ

news

 قاضي احمد: آچر 24 جون 2018ع: قاضي احمد لڳ ڳوٺ شڪل چانڊيو جي رهواسڻ شادي شده مسمات گلزادي کوسو زال سڪندر کوسو جو پنهنجي گهر ۾ ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو آهي.

وارثن مطابق ته ناري گھرو اڻبڻت تان ڳچي ۾ رسو وجھي خودڪشي ڪئي آهي. ڳوٺاڻن لاش کي قاضي احمد اسپتال آندو، جتي ناري گلزادي جي وارثن پيءُ علي بخش کوسو ۽ چاچي علي نواز کوسو الزام لڳائيندي چيو ته گلزادي کي سندس ساهرن قتل ڪيو آهي. لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

هوڏانهن قاضي احمد ٿاڻي تي رابطو ڪرڻ تي هنن ٻڌايو ته ناري جو موت ڳجهارت بڻيل آهي، پوليس جاچ ڪري رهي آهي.