عمران خان پنجن ئي تڪن تان شڪست ملڻ تائين انسان نه بڻجندو: سعد رفيق

news

لاهور: آچر 24 جون 2018ع: اڳوڻي ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق جو چوڻ آهي ته جيستائين عمران خان کي پنجن ئي تڪن تان شڪست نه ٿيندي اهو انسان نه بڻجندو.

لاهور م چونڊ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق جو چوڻ هو ته مسلم ليگ ن تعمير ۽ ترقي ۽ پاڪستان جي استحڪام جو نالو آهي ان ڪري ن ليگ مضبوط ٿيندي ته ملڪ ۽ ادارا مضبوط ٿيندا.

هن جو چوڻ هو ته اسان ادارن سان ناهيون وڙهندا پر ڪو انفرادي طور تي وڙهندو به آهي ته ان جو جواب ناهيون ڏيندا ۽ نه اسان جواب ڏينداسين.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي سعد تفيق جو چوڻ هو ته اليڪشن ۾ عمران خان ۽ ان جي ساٿين کي سبق سيکارڻ ضروري آهي.

هن چيو ته جيستائين عمران خان کي پنجن ئي تڪن تان شڪست نه ملندي هو انسان نه بڻجندو ۽ هو نفرت وڌائيندو ويندو جڏهن ته هڪ ڀيرو هارائڻ کانپوءِ جڏهن واپس ايندو ته اميد آهي ته سنجيدا سياست ڪندو.

اڳوڻي ريلوي واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته سياسي ماڻهن کي مقابلو عوامي عدالت ۾ ڪرڻ گهرجي ۽ قانون جي عدالت کي پنهنجي تڪرارن ۾ نه آڻڻ گهرجي. هن چيو ته عمران خان تي مختلف تڪن مان ماڻهو اعتراض واريا پر اسان ڪوبه اعتراض نه لڳايو ڇو ته اسان کي عوامي عدالت ۾ اعتراض ڪرڻو آهي.