ترڪي چونڊون: طيب اردگان کي برتري حاصل

news

انقرا: آچر 24 جون 2018ع: ترڪي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گڏ ٿيندڙ صدارتي ۽ پارلياماني چونڊن جي لاءِ ووٽنگ ٿي جنهن کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل جاري آهي.

ترڪ صدارتي چونڊن ۾ 62 سيڪڙو ووٽن جي ڳڻپ پوري ٿي چڪي آهي جنهن موجب 56 سيڪڙو ووٽن سان طيب اردگان سڀني کان اڳتي آهي.

ترڪ ميڊيا موجب اپوزيشن اميدوار محرم انجي 29 سيڪڙو ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي آهي. ترڪي جي مقامي وقت موجب پولنگ صبح 8 کان شروع ٿي جيڪا شام 5 وڳي تائين بنا وقفي جاري رهي ۽ پاڪستاني وقت موجب شام 7 وڳي ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيو.

ترڪ سرڪاري ميڊيا موجب چونڊن ۾ ووٽرز جو ٽرن آئوٽ 87 سيڪڙو رهيو. ترڪي جي تاريخ ۾ اهو پهريون موقعو آهي جو صدارتي ۽ پارلياماني چونڊون گڏ ٿي رهيون آهن ۽ صدارتي چونڊن لاءِ رجب طيب اردگان سميت 6 اميدوار ميدان ۾ آهن جن ۾ محروم انجي، ميرل ايڪسينر، سلاحيتن ديمارتس، تيمل، دوگو پرينسڪ شامل آهن.

عام راءِ جي جائزن موجب رجب طيب اردگان جي ڪاميابي جا چٽا امڪان آهن جڏهن ته مخالف ڌر جي اڳوا۾ محرم انجي کيس مشڪل ۾ وجهي سگهي ٿو.