گڏيل ٽيم ورڪ ذريعي ڪاميابيءَ جون وڌيڪ نيون منزلون ماڻينداسين: فتح محمد برفت

news

 ڄامشورو: سومر 25 جون 2018ع: آءِ ايس او سرٽيفڪيشن کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي ترقيءَ جي نئين سفر جي شروعات ڪئي آهي. گڏيل ٽيم ورڪ ذريعي ان سفر کي سڦل بڻائي ڪاميابيءَ جون وڌيڪ نيون منزلون ماڻينداسين. سنڌ يونيورسٽيءَ کي عالمي معيار جي يونيورسٽي بڻائڻ منهنجو خواب آهي، جنهن جي ساڀيان لاءِ گهڻ طرفا اپاءَ ورتا پيا وڃن ۽ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. آءِ ايس او سرٽيفڪيشن سميت حاصل ٿيل اهم ڪاميابيون گڏيل ٽيم ورڪ جو ئي نتيجو آهن، ان لاءِ اهو ڪريڊٽ پوري ٽيم ڏانهن وڃي ٿو، جنهن جي اڻٿڪ محنت ۽ ڪمٽمينٽ يونيورسٽيءَ جو مان اڃا وڌيڪ مٿانهون ڪيو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ملڪ جي بهترين، انتهائي قابل، فرض شناس ۽ مخلص فئڪلٽي آهي، جنهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو ملڻ تي مان پاڻ کي خوش قسمت سمجهان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت آءِ ايس او 9001:2015 سرٽيفڪيشن بابت ٿيل ٽريننگ ورڪشاپ ۾ پنهنجي خطاب دؤران ڪيو.

وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ جي سينيٽ هال ۾ ٿيل هن ورڪشاپ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪئمپسز جي پرو وائيس چانسلرز، فوڪل پرسنز، ڊينز، تدريسي ۽ انتظامي شعبن جي سربراهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت وڌيڪ چيو ته ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ چٽاڀيٽي جي هن دؤر ۾ ڪاميابيءَ جو اهم ذريعو معياري تعليم ئي آهي. معياري تعليم کان سواءِ پنهنجي حيثيت نٿي مڃرائي سگهجي ۽ دنيا سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي گڏ نٿو هلي سگهجي. معياري تعليم ئي اسان جي موجوده ۽ ايندڙ نسلن جي ڪاميابيءَ جي ضمانت آهي.

ان موقعي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي سنڌ يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر محمد سليم چانڊيو چيو ته آءِ ايس او 9001:2015 سرٽيفڪيشن سنڌ يونيورسٽيءَ جي وڏي ڪاميابي آهي، جيڪا وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي ڪيل ڪوششن، ورتل اپائن ۽ ڊاڪٽر امير علي ابڙو ۽ سندس ٽيم جي محنتن جو نتيجو آهي، جنهن لاءِ هو مبارڪون لهڻن ٿا. هن چيو ته اسان سڀني کي گڏيل نموني تدريسي ۽ تحقيقي معيار جي بهتريءَ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي  ته جيئن يونيورسٽيءَ جي وقار ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ٿي سگهي.

ان کان اڳ سنڌ يونيورسٽيءَ جي آءِ ايس او سيل جي سربراهه ۽ وائيس چانسلر جي هائير ايجوڪيشن بابت صلاحڪار ڊاڪٽر امير علي ابڙو آءِ ايس او 9001:2015 سرٽيفڪيشن بابت تفصيلي پريزنٽيشن ڏني، جنهن ۾ هن آءِ ايس او جي تعارف، ان جي اهميت، سرٽيفڪيشن جي فائدن، ان جي آڊٽ ۽ مانيٽرنگ سسٽم جي طريقيڪار جي ڄاڻ ڏيڻ سميت مارچ 2017ع ۾ ايم او يو تي صحيحون ڪرڻ کانپوءِ آءِ ايس او جي مقرر ڪيل گهرجن کي پورو ڪرڻ، گهربل معيارن تي پورو لهڻ لاءِ ورتل اپائن کان وٺي حاصل ٿيل سرٽيفڪيشن بابت تفصيلي معلومات ڏني. ان موقعي تي ڪوالٽي مئنيجمينٽ سسٽم (ڪيو ايم ايس) تي پڻ تفصيل سان روشني وڌي. هن پنهنجي پريزنٽيشن ۾ سمورن تدريسي ۽ انتظامي شعبن جي سربراهن جي سهڪار جو پڻ خصوصي ذڪر ڪندي سندن ٿورو مڃيو.

ڊاڪٽر ابڙو چيو ته ٿوري عرصي اندر آءِ ايس او سرٽيفڪيشن حاصل ٿيڻ جو سمورو ڪريڊٽ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت ڏانهن وڃي ٿو، جنهن نه فقط هن سرٽيفڪيشن جي سلسلي ۾ ڀرپور ڪوششون ڪيون، ٽيم جي مدد ۽ رهنمائي ڪئي، پر گذريل هڪ سال دؤران تعليمي معيار ۽ انتظامي سرشتي جي بهتري ۽ ترقياتي منصوبن جي حوالي سان پڻ اهم قدم کنيا، جن ۾ يونيورسٽي اندر روڊن، رستن جي تعمير، داخلائن جي سسٽم ۾ بهتري آڻڻ، شاگردن جي حاضري جي سسٽم کي بهتر بڻائڻ، ميڊيڪل جي سهولتن کي بهتر بڻائڻ، ضرورتمند شاگردن جي مالي مدد ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ، وڻڪاري جي سلسلي ۾ اپاءَ وٺڻ، هاسٽلن ۾ رهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو بهتر ۽ معياري ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن سميت مختلف ڪوششون شامل آهن، جيڪي آءِ ايس او جي گهرجن ۽ معيارن ۾ شامل هيون ۽ اهي سمورا قدم ۽ آندل سڌارا سرٽيفڪيشن جي حوالي سان مددگار بڻيا.

ان موقعي تي ڊاڪٽر امير علي ابڙو، هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ سنڌ حڪومت طرفان يونيورسٽي لاءِ منظور ٿيل اهم منصوبن ۽ نون تيار ڪيل منصوبن بابت پڻ تفصيلي ڄاڻ ڏني. هن چيو ته تعليمي معيار جي بهتري لاءِ اهو لازمي آهي ته اسان سڀ گڏيل ڪوششون ڪريون. ان موقعي تي ورڪشاپ ۾ شريڪ ٿيندڙن طرفان تعليمي معيار جي بهتري لاءِ مختلف تجويزون پڻ ڏنيون ويون.