منڊي بهائوالدين ۾ سيشن ڪورٽ اندر فائرنگ دوران جوابدار مارجي ويو

news

منڊي بهائوالدين: اڱارو 26 جون 2018ع: منڊي بهائوالدين جي تعلقي ملڪوال ۾ سيشن ڪورٽ ۾ فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پيشي تي آندل جوابدار مارجي ويو.

تفصيل موجب منڊي بهائوالدين ۾ سيشن عدلت ۾ فائرنگ سبب ڪيس جي ضمانت ڪرائڻ جي لاءِ ايندڙ جوابدار مارجي ويو آهي.

پوليس عدالتي احاطي ۾ فائرنگ ڪندڙ جوابدار احسان الله کي هٿيار سميت گرفتار ڪري ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

پوليس موجب مقتول جي سڃاڻپ بلال جي نالي سان ٿي آهي، مقتول هڪ اشتهاري ڏوهاري هو ۽ پندرنهن سال دبئي ۾ فراري ڪاٽڻ کانپوءِ وطن واپس آيو هو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ضابطي جي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ مقتول جي لاش کي وارثن حوالي ڪيو ويندو.

پوليس عدالتي احاطي ۾ فائرنگ ڪندڙ جوابدار احسان الله کي هٿيار سميت گرفتار ڪري ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.