جي ڊي اي وارا نگران حڪومت تي دٻاءَ وجهي چونڊن ۾ من پسند نتيجا حاصل ڪرڻ چاهين ٿا: عاجز ڌامراهه

news

 حيدرآباد: اڱارو 26 جون 2018ع: پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي ترجمان عاجز ڌامراهه چيو آهي ته جي ڊي اي وارا نگران سنڌ حڪومت تي غير ضروري دٻاءَ وجهي چونڊن ۾ پنهنجا من پسند نتيجا حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، اسان نگران حڪومت کي خبردار ٿا ڪريون ته هو ناڪام سياسي گهوڙن جي اتحاد جون فرمائشون پوريون ڪري پاڻ کي شڪي نه بڻائي، ٻي صورت ۾ اسان سخت احتجاج ڪنداسين.

جاري ڪيل بيان ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي ترجمان عاجز ڌامراهه چيو آهي ته قاسم آباد جي هڪ پولنگ به نه کٽڻ واري جي فرمائش تي نگران حڪومت کيس اجايو پروٽوڪول ڏئي رهي آهي، اهو سلسلو بند ڪيو وڃي، سنڌ ۾ ڪو به پارٽي اميدوار سرڪاري پروٽوڪول استعمال نه ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن جي ڊي اي وارن کي ڪو نظر آيو آهي ته اهي ان اميدوار جو نالو کڻن، باقي الزامن مٿان الزامن مان لڳي ٿو ته جي ڊي اي وارا چونڊن کان ڀڄڻ لاءِ بهانا ڳولي رهيا آهن پر اسان کين چئون ٿا ته مهرباني ڪري ڀڄڻ جا بهانا نه ڳوليو ۽ پيپلز پارٽي جو مقابلو ڪريو.

عاجز ڌامراهه وڌيڪ چيو ته جي ڊي اي وارن وٽ پيپلز پارٽي سان مقابلو ڪرڻ جو دم ئي ناهي ان ڪري هو الزامن تي لهي آيا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي اڳواڻ اڳ ۾ پڻ سنڌ جي عوام طرفان بار بار رد ٿي چڪا آهن. عاجز ڌامراهه چيو ته سنڌ ۾ سموريون انتظامي تبديليون اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت ڪري رهي آهي، ان حوالي سان پيپلز پارٽي جي الزام هڻڻ سمجهه کان مٿي آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن اهڙي ريت نگران حڪومت جي ڊي اي وارن جون فرمائشون پوريون ڪندي رهندي ته چونڊون شفاف ٿيڻ شڪي بڻجي وينديون، نگران حڪومت پاڻ کي شڪي نه بڻائي، ٻي صورت ۾ اسان اهڙو عمل برداشت نه ڪنداسين.