ميهڙ واقعي جا جوابدار گرفتار نه ٿيا، سکر ۾ ام رباب جو سهيل انور سيال آڏو احتجاج

news

 سکر: اڱارو 26 جون 2018ع: سکر ۾ ام رباب چانڊيو گهرڀاتين جي قتل واري واقعي ۾ قاتلن جي سرپرستي ڪرڻ تي اڳوڻي صوبائي گهرو وزير اڳيان احتجاج ڪيو. سندس چوڻ هو ته هو سردار چانڊيو جي مدد پيو ڪري ۽ پ پ قاتلن کي 2 ٽڪيٽون ڇو ڏنيون آهن؟

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي اپيليٽ ٽربيونل ٻاهران ام رباب چانڊيو پنهنجي پيءُ مختيار، ڏاڏي ڪرم الله ۽ چاچي قابل چانڊيو جي قتل واري واقعي ۾ جوابدارن جي سرپرستي ڪرڻ تي اڳوڻي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال اڳيان احتجاج ڪيو.

ام رباب چانڊيو سهيل انور سيال کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو سندس گهرڀاتين جي قتل ۾ ملوث سردار چانڊيو جي مدد ڪري رهيو آهي ۽ پ پ قاتلن کي 2 ٽڪيٽون ڇو ڏنيون آهن؟ جنهن تي سهيل انور سيال جواب ڏيندي چيو ته جڏهن هو گهرو وزير هو ان وقت ڪيس جو ذميوار هو هاڻي ان ڪيس بابت پوليس ئي ٻڌائي سگهي ٿي. سندس چوڻ هو ته ام رباب مٿس  الزام پئي هڻي ڪيس ڪورٽ ۾ هلي پيو، سردار چانڊيو مٿان به اڃا الزام آهن اهي ثابت ناهن ٿيا.

سهيل انور سيال ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ خلاف هميشه اتحاد ٺهندا آهن پر سنڌ جا ماڻهو پير نه مير کي ووٽ بينظير کي ڏيندا آهن. سندس چوڻ هو ته سنڌ 2008 واري ناهي رهي هاڻي امن امان بهتر آهي ۽ روڊ رستن جي حالت به بهتر آهي. هن چيو ته فريال ٽالپر خلاف ڳالهائيندڙ علي گوهر مهر ان وقت پ پ ۾ فريال ٽالپر جي موجودگي ۾ شموليت ڪئي هئي. هن چيو ته سنڌ ۾ امن امان اڳ کان بهتر آهي، اڄ جي سنڌ ۽ 2008ع واري سنڌ ۾ گھڻو فرق آهي. پهريان قبيلائي تڪرار، ڀنگ لاءِ اغوا، ڌاڙن ۽ چورين جا واقعا گھڻا ٿيندا هئا هاڻي مڪمل امن قائم آهي.

هن چيو ته پ پ 25 جولاءِ تي ٿيندڙ چونڊون کٽيندي، ان جي مقابلي ۾ ڪابه پارٽي ڪونهي، پ پ خلاف اتحاد ٺهڻ نئين ڳالھ ڪونهي،  جي ڊي اي ۾ شامل 2 اڳوڻن وفاقي گھرو وزيرن ڪهڙا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن،  جي ڊي ايِ ۾ شامل انهن وزيرن کي سنڌ ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ جو ايڏو ڏک هو ته اسيمبلين ٽٽڻ کان رڳو هڪ ڏينهن اڳ ئي استعيفيٰ ڏين ها، مڃون ٿا ته سو سيڪڙو ڪم ناهي ڪيو پوءِ به 2008ع واري سنڌ کان 2018ع واري سنڌ گھڻو بهتر آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪٿي به سيال برادري ڪنهن ٻئي سان جھيڙو جھٽو ڪري ٿي ته ان جو هو ذميوار ناهي.