پتافي سان ڪا دشمني ناهي، سياسي مخالفت سبب تنگ ڪري پيو: حاجي خير محمد کوکر

news

 ٽنڊوالهيار: اڱارو 26 جون 2018ع: حاجي خير محمد کوکر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڳوٺ بختاور پتافي جي چارئي طرف اسان جي زمين آهي ۽ منهنجي ڀاءُ اعجاز کوکر کي اڄ ڪراچي وڃڻو هو انڪري منهنجي ڀاءُ اعجاز کوکر پنهنجي مئنيجر کي صبح سوير زمين جي حوالي سان گڏجاڻي لاءِ زمين تي گهرايو ۽ پاڻ به صبح جو سوير پنهنجي ٻن مئٽرڪ ۾ پڙهندڙ ٻارن سان گڏ زمين تي ويو ته مين روڊ جيڪو اسان جو ۽ پتافين جو ساڳيو ئي رستو آهي، ان رستي تي 10، 12 هٿين خالي ماڻهو بيٺل هئا جن منهنجي ڀاءُ جي گاڏي کي روڪيو ته منهنجي ڀاءُ پتافين کي چيو ته، خير ته آهي جو توهان اسان کي روڪيو آهي جنهن تي هنن چيو ته توهان گاڏي مان لهي اچو ته منهنجو ڀاءُ ۽ ان جا پٽ گاڏي مان لهي آيا ۽ ايتري ۾ پتافي برادري جا 30،40 هٿياربند ماڻهو سامهون ڪيلي جي فصل مان نڪري منهنجي ڀاءُ ۽ ڀائيٽن جي گاڏي جو گهيرو ڪيو ۽ انهن کي چيو ته اسان توهان کي وٺي هلنداسين ته ٿوري ئي پنڌ تي اسان جي زمين تي مئنيجر ۽ ٻيا بيٺل هئا جن ڏٺو ته گاڏي جي چارئي طرف گهيرو ٿي چڪو آهي ته اهي جيئن ئي گاڏي وٽ پهتا ۽ هٿيار الرٽ ڪيا ته منهنجي ڀاءُ انهن کي روڪيو ته ڪير به فائرنگ نه ڪندو، جنهن تي اهي خاموش ٿي بيهي رهيا، ان کانپوءُ پتافي برادري جا هٿياربند منهنجي ڀاءَ ۽ ڀائيٽن کي يرغمال بڻائي سندس بيٺڪ تي وٺي ويا، جتي هنن منهنجي ڀاءُ کي ڌمڪيون ڏيندي چيو ته اسان جي ۽ توهان جي سياسي جنگ شروع ٿي وئي آهي، هنن چيو ته حاجي صاحب کي چئو ته ماحول ٿڌو ڪري اسان خلاف اليڪشن نه وڙهي نه ته اسان توهان کي نه ڇڏينداسين، هنن چيو ته هڪ ڀيرو توهان کي وارننگ آهي توهان وڃو ۽ حاجي صاحب کي چئو ته وٿ ڊرا ٿي وڃي.

حاجي خير محمد کوکر چيو ته مخالف سياسي پريشر سبب بوکلائجي ويا آهن، جيڪڏهن اسان جا ماڻهو هٿيارن سان گڏ آهن ته انهن کي ڇو نه اتي ويهاريو ويو. هن چيو ته ڇا هڪ پڙهيل لکيل ڪاروباري ماڻهو پنهنجي 8، 10 سالا ٻارن سان گڏ ڪيئن ٿو حملو ڪري سگهي؟ هن چيو ته اسان ته گهر آرام ۾ هئاسين ڪجھ معلوم به نه هو، جيئن اٿياسين ته هن واقعي بابت خبر پئي، جيئن اسان اتي پهتاسين ته انهن منهنجي ڀاءُ کي ڇڏي ڏنو هو، آفيسرن سان به مون ڳالهايو آهي، انهن کي چيو آهي ته آئون اچان ٿو، منهنجي ڀاءَ ۽ ڀائيٽن کي به وٺي ٿو اچان، اسان سان به انصاف ڪريو ناانصافي اسان سان ٿي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته هنن اڳ ۾ به جيڪا منهنجي خلاف پريس ڪانفرنس ڪئي آهي، اها ڪلپ سڀني وٽ موجود آهي، ان ۾ هنن ڪيترو ڪريل اسان ڍخلاف ڳالهايو آهي پر اسان هڪ لفظ به نه ڳالهايو، اسان کي جيڪا تڪ مان عزت ملي آهي، ان تي هي بوکلائجي ويا آهن ۽ هنن جون سوچون لاڪ ٿي ويون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ حاجي خير محمد کوکر چيو ته اسان سڀني وٽ جيڪي به هٿيار آهن، اهي قانون موجب سڀئي لائسنس وارا آهن جيڪي اسان سان گڏ هوندا آهن.

حاجي خير محمد کوکر چيو ته ظهير پتافي چوي ٿو ته اسان جي پراڻي دشمني آهي پر آئون چوان ٿو ته اسان جي ڪابه پراڻي دشمني ناهي، رڳو سياسي مخالف آهيون، هن کان اڳ اسان جي دوستي ياري رهي آهي. هن چيو ته ظهير پتافي جيڪا ڊبل ڪئبين گاڏي ۾ چڙهي هلي ٿو اها گاڏي به آفتاب کوکر جي نالي تي رجسٽر آهي، اسان جي ڪابه دشمني ناهي، علائقي اندر هڪ ٻئي جي غم ۽ خوشين جا وارث آهيون پر هنن اها پراڻي دشمني الائي ڪٿان آندي آهي. هن چيو ته اسان آفيسرن کي چئون ٿا ته بيواجبي اسان سان ٿي آهي اسان جي به ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي.