آمريڪي باڪس آفيس تي ڊائنوسارز جو راڄ، پندرنهن ڪروڙ ڊالر جو بزنس

news

نيويارڪ: اڱارو 26 جون 2018ع: آمريڪي باڪس آفيس تي جراسڪ ورلڊ فالن ڪنگڊم جي شاندار انٽري، رليز جي پهرئين هفتي پندرنهن ڪروڙ ڊالر جو بزنس ڪري پهرئين پوزيشن حاصل ڪري ورتي.

پرڏيهي ميڊيا موجب فلم جي ڪهاڻي ڊائنوسارز جي جهنگ جي ختم ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر کان آباد ڪرڻ جي آهي، ٻيون نمبر اينيميٽيڊ فلم انڪريڊيبلز حاصل ڪئي جنهن اٺ ڪروڙ ڊالر جو بزنس ڪيو.

جڏهن ته فلم اوشين ايٽ هڪ ڪروڙ سورنهن لک ڊالر گڏ ڪري ٽئين پوزيشن حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.