مخصوص مفادن خاطر سنڌ ۾ لساني سياست جا بنياد پ پ ۽ ايم ڪيو ايم رکيا آهن: اشرف نوناري

news

 حيدرآباد: اڱارو 26 جون 2018ع:  سنڌ نيشنل تحريڪ جي سربراهه ۽ پي ايس 64 جي اميدوار اشرف نوناري تنظيمي ساٿين سميت تڪ جي ڳوٺ ميران بخش ڇلگري، کٿڙ اسٽيشن، ڳوٺ ڊاڪٽر اشرف بروهي، عارف الله پٺاڻ، خميسو جوڳي، ليبر ڪالوني، هاشمي ڪالوني ۽ زيل پاڪ جو طوفاني دورو عوام کان ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي.

مختلف هنڌن تي عوامي ميڙن کي خطاب ڪندي پي ايس 64 جي اميدوار اشرف نوناري چيو ته اسان جي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو بنيادي مقصد سنڌ مان لساني سياست توڙي تعصب پرستي جو خاتمو ڪرڻ ۽ وڏيرن جي رستا روڪ ڪرڻ آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ لساني سياست جا بنياد مخصوص مفادن خاطر پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم رکيا آهن، جڏهن ٻئي ڌريون اقتدار ۾ هونديون آهن ته انهن کان عوام وسري ويندو آهي ۽ لٺ مار ۾ مصروف ٿي وينديون آهن، جڏهن اليڪشن جو ٽائيم ايندو آهي ته پوءِ اليڪشن کٽڻ لاءِ پيپلز پارٽي سنڌ ۾ قومپرست پارٽي بڻجي سنڌي ماڻهن جو ووٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ۽ ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ الڳ صوبي جو مطالبو ڪري مهاجرن کان ووٽ حاصل ڪندي آهي پر هن ڀيري سنڌي ڳالهائيندڙ ۽ اردو ڳالهائيندڙ سنڌي پنهنجو ووٽ لساني سياست ڪندڙن کي نه پر سنڌ جي ڳالهه ڪندڙ قومپرست اميدوارن کي ڏيندا ڇو جو قومپرستن هميشه بغير ڪنهن  مفاد ۽ يا لالچ جي سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن جي اجتمائي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي.

هن چيو ته عوام جي ووٽ سان ڪامياب ٿي سنڌ اسيمبلي ۾ مان سڄي سنڌ جو آواز بڻجندس، سنڌ جي بهتر تعليم، صحت، ترقي، خوشحالي، روزگار لا۽ آواز بلند ڪندس، سنڌ مان جبري گمشدگين، انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ سنڌ دشمنن منصوبن خلاف اسيمبلي فلور تان پنهنجو ڀرپور سنڌ دوست ڪردار ادا ڪندس ۽ بنا ڪنهن مذهبي، فرقيواريت، زبان يا نسلي بنياد جي سنڌ ۾ رهندڙ سڀني سنڌين لاءِ آواز اٿاريندس، ان لاءِ سنڌي قوم تي فرض آهي مون سميت قومپرست اميدوارن کي پنهنجو ووٽ ڏئي سوڀارو ڪري.

ان موقعي تي اختر سنڌي، ارشد آرائين، نعمان انصاري، ياسر پٺاڻ، سليم انقلابي، خادم جمالي، پون مينگهواڙ ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا.