خورشيد کي چونڊ مهم دوران نوجوان جي سخت سوالن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو

news

سکر: اڱارو 26 جون 2018ع: قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه کي پنوعاقل ۾ چونڊ مهم دوران نوجوانن جي سخت سوالن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو.

چونڊ مهم دوران نوجوان خورشيد شاهه کان سوال ڪيو ته اوهان ڏهه سال حڪومت ڪئي، هينئر تائين اسان جي علائقي ۾ نه رستو ٺهيو ۽ نه ئي بجلي ۽ گيس آيو.

خورشيد شاهه نوجوان جي ان سخت سوال تي چيو ته وڊيو سوشل ميڊيا تي وجهندي؟ ۽ مسڪرائي سوال ٽاري ڇڏيو.