عوام ۽ ملڪ جي ڀلائي لاءِ اڳتي نڪتا آهيون: شائستا کوسو_ محمد علي شيخ

news

 سکر: اڱارو 26 جون 2018ع: سکر ۾ پ پ کان بغاوت ڪري چونڊ وڙهندڙ اميدوارن محمد علي شيخ ۽ شائستا کوسو چيو آهي ته جيڪڏهن وري غلط ۽ ڪرپٽ ماڻهن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرايو ويو ته ايندڙ نسلن کي وڏو نقصان پهچندو.

روهڙي جي علي واهڻ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي کان بغاوت ڪري چونڊ وڙهندڙ اميدوارن شائستا کوسو ۽ محمد علي شيخ  جو چونڊ جلسو ٿيو. جلسي ۾ ڳالهائيندي پي ايس 23 تي جي ڊي اي اميدوار محمد علي شيخ چيو ته هو عوام ۽ ملڪ جي ڀلائي لاءِ اڳتي نڪتا آهن، جيڪڏهن عوام کين پنهنجو قيمتي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرايو ته ايوانن پهچي غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جا مسئلا اڳتي آڻي حل ڪرائبا، جيڪڏهن وري غلط ۽ ڪرپٽ ماڻهن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرايو ويو ته نسلن کي وڏو نقصان پهچندو جنهن ڪري عوام کي سجاڳ ٿيڻو پوندو ۽ پنهنجي قيمتي ووٽ جو صحيح استعمال ڪري بهتر ۽ سچا نمائندا چونڊي ايوانن ۾ موڪلڻا پوندا.

آزاد اميدوار شائستا کوسو جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته سڀ کان پهريان عورتن جي حقن ۽ بنيادي سهولتن جي تمام گهڻي ضرورت آهي، موجوده معاشري ۾ عورتن کي بنيادي حق نٿا ڏنا وڃن جنهن سبب اسان جون غريب مظلوم نياڻيون ظلم سهن پيون. هن چيو ته جيڪڏهن نياڻين کي تعليم ۽ اڳتي اچڻ جو موقعو نه ڏينداسين تيستائين ملڪ پاڪستان ڪڏهن به ترقي نه ڪري سگهندو.