عوام جون تڪليفون ڏسي ميدان ۾ لٿو آهيان: پير بخش جوڻيجو

news

 ڏوڪري: اڱارو 26 جون 2018ع: پي ايس 13 جي عوام جون تڪليفون ڏسي ميدان ۾ لٿو آهيان، انشاءَ الله 25 جولاءِ تي فتح حق سچ جي ٿيندي، چونڊن ۾ ڪامياب ٿي بنگلن ۾ ويهڻ بدران عوام سان گڏ هوندس ۽ عوام جا مسئلا حل ڪندس. اهڙن خيالن جو اظهار پي ايس 13 جي آزاد اميدوار پير بخش جوڻيجو پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.

عوامي پريس ڪلب ڏوڪري ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هنوڌيڪ چيو ته سنڌ اندر مختلف پارٽين پاران ڪيترائي سال اليڪشنون لڙي اقتدار ۾ اچي عوام جي خدمت ڪرڻ بدران عوام سان ناانصافيون ۽ بي واجبيون ڪيون آهن، پي ايس 13 جي عوام مان ووٽ ڏيڻ جي ڀرپور نموني اميد رکان ٿو ۽ انشاءَ الله 25 جولاءِ تي منهنجي ڪاميابي ۽ مخالفن کي هار نصيب ٿيندي. هن چيو ته مون کي جوڻيجا ذات جي 25 هزار کان مٿي ووٽرن جي حمايت حاصل آهي ۽ هو مون کي ووٽ ڪندا، اين اي 201 تي پ پ جو خورشيد جوڻيجو بيٺل آهي پر هن سان ڪابه ووٽن بابت ڪابه ايڊجسٽمينٽ نه آهي.

هن چيو ته خورشيد جوڻيجو هجي يا مان هجان جيڪو عوام جي خدمت ڪندو اسان ان سان گڏ آهيون ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ جاکوڙبو. هن هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪرپشن جو جن اڃا سنڌ مان ختم ناهي ٿيو، ان لاءِ اڃا بهتر قدم کڻي ڪرپشن ختم ڪئي وڃي جيڪا ناسور جيان سنڌ کي کائيندي وڃي ٿي.