سلمان خان جي فلم ريس ٿري ڪروڙن جي ڪمائي باوجود بدترين فلمن ۾ شامل

news

ممبئي: اڱارو 26 جون 2018ع: بالي ووڊ اداڪار سلمان خان جي فلم ريس 3 ڪروڙين روپين جي ڪمائي باوجود بدترين ريٽنگ واري فلمن ۾ شامل ٿي وئي.

سلمان خان کي بالي ووڊ باڪس آفيس جو سلطان چيو ويندو آهي جنهن جو سبب سندس فلمن جي ڪروڙن جي ڪمائي آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ ئي عيدالفطر تي رليز ٿيندڙ فلم ريس 3 به ڀارت ۾ 148 ڪروڙ ڀارتي روپين کان وڌيڪ جو بزنس ڪيو آهي پر اها فلم ڪارڪردگي جي لحاظ کان بدترين فلم بڻجي وئي آهي.

فلم ريس 3 ۾ سلمان جي پرفارمنس فلم ڏسندڙن کي نه وڻي هئي جنهن سبب هو گوگل تي بدترين اداڪارن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو هو پر هاڻ ان جي فلم به انٽرنيٽ مووي ڊيٽا بيس جي  گهٽ ترين ريٽنگ واري 100 فلمن ۾ شامل ٿي وئي آهي.

انٽرنيٽ مووي ڊيٽا بيس پوري دنيا ۾ فلمن جي حوالي سان معتبر ريٽنگ واري ويب سائيٽ آهي جتي آن لائن فلمن ۽ اداڪارن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو آهي.