پ ٽ الف استادن جا مسئلا حل نه ٿيڻ جي صورت ۾ سنڌ اندر احتجاجن جو اعلان ڪري ڇڏيو

news

 ٽنڊو محمد خان: اڱارو 26 جون 2018ع: پ ٽ الف سنڌ جي صدر حاجي شفيع محمد سٺيو استادن جا جائز مسئلا حل نه ٿيڻ جي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن ۽ ڌرڻن جو اعلان ڪري ڇڏيو. پهرين مرحلي ۾ ٻئين جولاءِ کان سڄي سنڌ جي  تعلقي هيڊ ڪوارٽرن ۾ علامتي بک هڙتالون ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو اظهار هن ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.

هن چيو ته سڄي سنڌ جي سمورن استادن جي جائز مسئلن جنهن ۾ بايو ميٽرڪ کي ضلعي سطح تي لاڳو ڪرڻ، سنڌ يونيورسٽي ۽ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس استادن کي ريگيولر ڪرڻ ۽ سڄي سنڌ جي بناجواز برطرف ڪيل استادن کي بحال ڪرڻ سميت سڀئي مسئلا فوري طور تي حل نه ڪيا ويا ته پ ٽ الف سڄي سنڌ جي استادن سان گڏجي مرحليوار ڌرڻا هڻندي.

هن چيو ته ڪيترائي پرائمري استاد فوت ٿي چڪا آهن سندن وارثن کي اڃا تائين گروپ انشورنس ملي نه سگهيو آهي، بلوچستان حڪومت پاران رٽائرڊ ملازمن کي به گروپ انشورنس ڏنو ويو آهي. جڏهن ته سنڌ جي استادن سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته 2002ع کان بند پيل تعليمي انڪريمينٽ بحال ڪئي وڃي، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سنڌ جي استادن کي سيڪريٽري تعليم پاران ٽرينڊ انڪريمينٽ جي نڪتل نوٽيفڪيشن تي ڊائريڪٽر پرائمري تعليم ضلعي سطح تي عمل ڪري کين رهيل مراعتون ڏنيون وڃن.

هن چيو ته پ ٽ الف سنڌ استادن جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکندي، جڏهن ته فوري طور تي سيڪريٽري تعليم سنڌ استادن جي جائز مسئلن کي حل ڪري ته جيئن استادن مان بيچيني ختم ٿئي.