حيدرآباد ۾ ڪمشنر جي صدارت هيٺ گڏجاڻي، عام چونڊن جي انتظامن جو جائزو

news

 حيدرآباد: اڱارو 26 جون 2018ع: ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد احسن منگي جي صدارت هيٺ حيدرآباد ڊويزن جي ضلعن ۾ عام چونڊون 2018 جي انتظامن جي حوالي سان اڄ شهباز هال شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾ هڪ اهم گڏجاڻي ٿي. گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڪمشنر ون، ڊپٽي ڪمشنرز حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، بدين، ٺٽو، سجاول، مٽياري، ڄامشورو، ٽنڊو الهيار ۽  دادو کانسواءِ اسسٽنٽ ڪمشنر جنرل ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر هيڊڪوارٽر شرڪت ڪئي.

گڏجاڻي ۾ سمورن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن پنهنجن پنهنجن ضلعن ۾ عام چونڊون 2018ع جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن جي هدايتن جي روشني ۾ ڪيل انتظامن سميت ووٽرن جي انکن اکرن، سرڪاري عملي جي مقرري، ٽرانسپورٽ، پولنگ اسٽيشنن جي نشاندهي ۽ حالتن، سيڪيورٽي، سي سي ٽي وي ڪيمرائن ۽ ٻين مک نقطن بابت تفصيلي ملٽي ميڊيا بريفنگ ڏني وئي. گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد احسن منگي هدايت ڪئي ته سمورا ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر عوام ۽ اميدوارن جي سهولت لاءِ پنهنجن پنهنجن آفيسن ۾ شڪايتي سيل قائم ڪري عملو مقرر ڪن ته جيئن اليڪشن قانون جي خلاف ورزي بابت شڪايتون سولائي سان حاصل ٿي سگهن ۽ عوام کي به معلومات هجي.

هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن پهرين ڀيرو ضلعي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي اڳواڻي ۾ ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ ٽيمون جوڙيون آهن، تنهنڪري عوام کي ان ڏس ۾ آگاهي جي سخت ضرورت آهي جڏهن ته تمام ڊپٽي ڪمشنرز ان ٽيم جي مشهوري لاءِ گهربل قدم کڻن ۽ ضروري عوامي هنڌن تي ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ  ٽيمن جا بينرز نمايان ڪن ته جيئن هڪ عام شهري کي شڪايت داخل ڪرائڻ ۾ ڪا به پريشاني نه ٿئي.

هن وڌيڪ چيو ته ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ ٽيم عوامي شڪايتن لاءِ پنهنجو هڪ شڪايتي ٽيليفون نمبر پڻ اشتهار ۾ درج ڪري ۽ مانيٽرنگ ڪميٽي جي عملي ۽ آفيس جا وقت مقرر ڪري ان بابت ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد جي آفيس کي پڻ آگاهه ڪيو وڃي. ان موقعي تي هن هدايت ڪئي ته سمورا ڊپٽي ڪمشنر عام چونڊن دوران پاڻ ۾ ويجهي رابطي کي مثالي بڻائين.

هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته تمام ڊپٽي ڪمشنرز پنهنجن پنهنجن ڊي آراوز کان ٽرانسپورٽ منصوبي جي تصديق ڪرائين ته جيئن سرڪاري عملي ۽ سامان جي فراهمي کي موثر بڻائي سگهجي.