حيدرآباد ۾ ٽريفڪ پوليس شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو، سرعام رشوت وٺڻ جو سلسلو جاري

news

 حيدرآباد: اڱارو 26 جون 2018ع: حيدرآباد ۾ ٽريفڪ پوليس اهلڪارن شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو، سرعام رشوت وٺڻ جو سلسلو جاري آهي، بنا ڪنهن سبب جي شهرين کي روڪي سندن گاڏيون لفٽر ذريعي کڻائي هزارين روپيا اوڳاڙي ڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي، شهرين کان ٽريفڪ پوليس اهلڪارن پاران رشوت وٺڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.

حيدرآباد ٽريفڪ پوليس اهلڪارن جي رشوت خوري جي نئين وڊيو سوشل ميڊيا تي جاري ٿي آهي، جنهن ۾ ڏٺو پيو وڃي ته حيدرآباد جي علائقي گل سينٽر وٽ مين ٽريفڪ سنگنل واري جاءِ تي سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار شهرين کان ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي جو جواز ڄاڻائي بنا ڪنهن چالان جي روڪ رقم وصول ڪري رهيو آهي ۽ شهري پاران وڊيو ٺاهڻ تي به اهلڪار بنا ڪنهن خوف جي رشوت وٺڻ وارو سلسلو جاري رکيو پيو اچي.

حيدرآباد جي شهرين جو چوڻ آهي ته حيدرآباد ۾ ٽريفڪ پوليس اهلڪار بنا ڪنهن سبب جي شهرين جون گاڏيون پنهنجي تحويل ۾ وٺي هزارين روپيا رشوت وٺن ٿا، جڏهن ته ٽريفڪ جي آمد رفت کي جاري رکڻ لاءِ ڪي به ڪوششون نٿا ڪن، نتيجي ۾ شهري سڄو ڏينهن ٽريفڪ ۾ ڦاٿل رهن ۽ اهلڪار اوڳاڙي ڪرڻ ۾ مصروف رهندا آهن.