جعفرآباد جي گم ٿيل صحافي جو پتو نه پيو، ڊيرالهيار ۾ مظاهرو

news

 جيڪب آباد: اڱارو 26 جون 2018ع: بلوچستان جي ضلعي جعفرآباد جو سينيئر صحافي علي نواز کوسو کي گم ٿئي 7 ڏينهن گذري ويا آهن پر پوليس سندس ڪو به پتو نه لڳائي سگهي آهي. سندس وارثن پاران جعفرآباد جي ضلعي هيڊ ڪوارٽر ڊيرا الهيار ۾ سندس وارثن والد مولا بخش کوسو، پٽن عامر نواز ۽ مظفر نواز سميت برادري جي چڱي مڙسن جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري شهر جي مصروف ترين شهر ٽي چوڪ تي ڌرڻو هڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو.

مظاهرين جي هٿن ۾ بينرز ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي صحافي علي نواز کوسو جي واپسي لاءِ ۽ پوليس خلاف نعرا لکيل هئا. ان موقعي تي سندس وارثن جو چوڻ هو ته علي نواز کوسو جعفرآباد جو هڪ سينيئر صحافي آهي جنهن کي گم ٿئي 7 ڏينهن گذري ويا آهن پر اڃا تائين نه ته پوليس پاران اسان کان ڪيس ورتو پيو وڃي ۽ ئي وري صحافتي تنظيمن پاران ڪا مدد ڪئي پئي وڃي.