عام چونڊون: رٽرننگ آفيسرن جي اعتراضن جي خلاف اپيلن تي فيصلن جو اڄ آخري ڏينهن

news

اسلام آباد: اربع 27 جون 2018ع: رٽرننگ آفيسرن جي اعتراضن جي خلاف اپيلن تي فيصلن جو اڄ آخري ڏنهن آهي.

ياد رهي ته اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي جاچ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن 19 جون تي پوري ملڪ ۾ هاءِ ڪورٽ جي ججن  تي ٻڌل 21 اپيليٽ ٽربيونلز جوڙيا هئا، جتي داخل ڪيل اپيلن تي  فيصلي لاءِ 27 جون تائين جي تاريخ مقرر ڪئي وئي هئي.

اسلام آباد لاءِ هڪ، خيبرپختونخواهه ۾ 6 ۽ پنجاب ۾ 8، سنڌ ۾ 4 ۽ بلوچستان ۾ 2 اپيليٽ ٽربيونلز قائم ڪيون ويون آهن.

اليڪشن ڪميشن جي شيڊول موجب اميدوارن جي نظرثاني ٿيل فهرست 28 جون تي جاري ٿيندي جڏهن ته اميدوار 29 جون تي نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي سگهندا.

شيڊول موجب 29 جون تي ئي اميدوارن جي حتمي فهرست جاري ڪئي ويندي. جڏهن ته 30 جون تي اميدوارن کي چونڊ نشان جاري ڪيا ويندا.