ماسڪو: اربع 27 جون 2018ع: مارڪس رجوز جي شاندار گول جي ڪري ارجنٽينا نائيجيريا کي 1-2 تان شڪست ڏئي پري ڪوارٽر فائنلز مرحلي لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو جتي ان جو مقابلو فرانس سان ٿيندو.
ميچ جي پهرئين هاف ۾ ارجنٽينا طرفان سٺي راند جو مظاهرو ڪيو ويو ۽ سندس مخالف ٽيم تي ڪيترائي جاندار حملا ڪيا.
14 هين منٽ ۾ ڪپتان ميسي جي ٻه يڀرا ولرڊ ڪپ ونر ارجنٽينا کي برتري ڏياري ڇڏي. جڏهن ته 51 هين منٽ ۾ ارجنٽينا جي دفاعي رانديگر جي غلطي سبب نائيجيريا کي پنالٽي ڪڪ ملي جنهن کي وڪٽر موزز گول ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
ٻئين هاف ۾ ارجنٽينا جي ورلڊ ڪپ جي ايندڙ مرحلي تائين رسائي جون اميدون دم ٽوڙيندي ڏسڻ ۾ پئي آيون جڏهن ته اهڙي ۾ 86 هين منٽ ۾ مارڪس روجوز جي شاندار گول ارجنٽينا کي عالمي ڪپ جي ايندڙ رائونڊ ۾ پهچائي ڇڏيو. پري ڪوارٽر فائنل مرحلي ۾ ارجنٽينا جو مقابلو فرانس سان ڇنڇر جي ڏينهن ٿيندو.
ارجنٽينا جي ايندڙ رائونڊ تائين پهچڻ ۾ ڪمردار ان ئي گروپ جي ٽيم ڪروشيا به ادا ڪيو جنهن 2-1 تان آئس لينڊ کي شڪست ڏني.