ڊيرا اسماعيل خان ۾ هڪ ئي پاڙي جا اٺ نوجوان پراسرار طور گم

news

ڊيرا اسماعيل خان: اربع 27 جون 2018ع: خيبرپختونخواهه صوبي جي شهر ڊيرا اسماعيل خان جي پاڙي حيات الله مان 8 نوجوان پراسرار طور تي گم ٿي ويا.

پوليس موجب 20 جون کانپوءِ ٿاڻي ۾ اٺن ڇوڪرن جي وارثن مختلف ڏينهن ۾ رپورٽ داخل ڪرائي. ان حوالي سان آخري رپورٽ گذريل ڏينهن داخل ڪرائي وئي.

ڇوڪرن جي والدين ٿاڻي ۾ رپورٽ داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته سندس ٻار 20 جون تي ٻن پهرن کانپوءِ مختلف وقتن تي گم ٿي ويا ۽ گهر واپس نه آيا.

ڇوڪرن جي عمر 15 کان 20 سالن جي وچ ۾ ٻڌائي وئي آهي، جن ۾ گهڻي قدر شاگرد  آهن. پوليس شروعاتي رپورٽ داخل ڪري انڪوائري شروع ڪري ڇڏي آهي.

ايس ايڇ او دم ساز خان جو چوڻ آهي ته پوليس ڇوڪرن جي ڳولا ۾ آهي، پر هينئر تائين ڪابه ڪاميابي ناهي ملي سگهي ۽ نه ئي ڪنهن به نوجوان والدين سان ڪو رابطو ڪيو آهي.

ايس ايڇ او ٻڌايو ته 8 مان ڪجهه ڇوڪرا پاڻ ۾ دوست ۽ پاڙيسري آهن.