ٻن نون نگران وفاقي وزيرن حلف کڻي ورتو

news

اسلام آباد: اسلام آباد: ٻن نون نگران وفاقي وزيرن پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو جنهن کانپوءِ وفاقي وزيرن جو تعداد 8 ٿي ويو. حلف کڻندڙ وزيرن ۾ ميان مصباح الرحمان ۽ اڳوڻو دفاعي سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل (ر) خالد نعيم لوڌي شامل آهن. صدر ممنون حسين نگران وفاقي وزيرن کان حلف ورتو.

ايوان صدر ۾ ٿيندڙ حلف برداري تقريب ۾ نگران وزيراعظم ناصر الملڪ، نگران وفاقي وزيرن ۽ اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.

ان کان اڳ نگران وفاقي وزيرن جو تعداد 6 هو، جن ۾ شمشاد اختر، عبدالله حسين هارون، روشن خورشيد برونچا، اعظم خان، سيد علي ظفر ۽ محمد يوسف شيخ شامل آهن.

عبدالله حسين هارون کي پرڏيهي وزارت ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي جو قلمدان ڏنو ويو جڏهن ته دفاعي وزارت ۽ دفاعي پيداوار جي واڌو چارج به سندس وٽ آهي.

ڊاڪٽر شمشاد اختر کي ناڻي واري وزارت، شماريات ۽ منصوبابندي واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو اهي، ان سان گڏوگڏ واپار واري وزارت ۽ انڊسٽريز ۽ پيداوار واري وزارت جي واڌو چارج به سندس وٽ آهي.

اعظم خان کي گهرو وزارت، ڪيڊ وزارت ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي ۽ سندس وٽ بين الصوبائي وزارت جي واڌو چارج به آهي.

ڪابينا ۾ شامل سيد علي ظفر کي قانون ۽ انصاف واري وزارت، پارلياماني معاملن واري وزارت ۽ سڌ سماءَ واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي.

يوسف شيخ کي وفاقي تعليم پروفيشنل ٽرينڪن واري وزارت جي چارج ڏني وئي آهي جڏهن ته نيشنل هيلٿ سروسز واري وزارت ۽ مذهبي معاملن جي واڌو چارج به سندس وٽ آهي.

روشن خورشيد بروچا کي انساني حقن واري وزارت، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن ۽ سيفران واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي. ياد رهي ته نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ پهرئين جون تي عهدي جو حلف کنيو هو جيڪو 25 جولاءِ تي ٿيندڙ عام چونڊون منعقد ڪرائڻ جو پابند آهي.

ٻن نون نگران وفاقي وزيرن پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو جنهن کانپوءِ وفاقي وزيرن جو تعداد 8 ٿي ويو. حلف کڻندڙ وزيرن ۾ ميان مصباح الرحمان ۽ اڳوڻو دفاعي سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل (ر) خالد نعيم لوڌي شامل آهن. صدر ممنون حسين نگران وفاقي وزيرن کان حلف ورتو.

ايوان صدر ۾ ٿيندڙ حلف برداري تقريب ۾ نگران وزيراعظم ناصر الملڪ، نگران وفاقي وزيرن ۽ اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.

ان کان اڳ نگران وفاقي وزيرن جو تعداد 6 هو، جن ۾ شمشاد اختر، عبدالله حسين هارون، روشن خورشيد برونچا، اعظم خان، سيد علي ظفر ۽ محمد يوسف شيخ شامل آهن. عبدالله حسين هارون کي پرڏيهي وزارت ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي جو قلمدان ڏنو ويو جڏهن ته دفاعي وزارت ۽ دفاعي پيداوار جي واڌو چارج به سندس وٽ آهي.

ڊاڪٽر شمشاد اختر کي ناڻي واري وزارت، شماريات ۽ منصوبابندي واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو اهي، ان سان گڏوگڏ واپار واري وزارت ۽ انڊسٽريز ۽ پيداوار واري وزارت جي واڌو چارج به سندس وٽ آهي.

اعظم خان کي گهرو وزارت، ڪيڊ وزارت ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي ۽ سندس وٽ بين الصوبائي وزارت جي واڌو چارج به آهي.

ڪابينا ۾ شامل سيد علي ظفر کي قانون ۽ انصاف واري وزارت، پارلياماني معاملن واري وزارت ۽ سڌ سماءَ واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي.

يوسف شيخ کي وفاقي تعليم پروفيشنل ٽرينڪن واري وزارت جي چارج ڏني وئي آهي جڏهن ته نيشنل هيلٿ سروسز واري وزارت ۽ مذهبي معاملن جي واڌو چارج به سندس وٽ آهي.

روشن خورشيد بروچا کي انساني حقن واري وزارت، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن ۽ سيفران واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي.

ياد رهي ته نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ پهرئين جون تي عهدي جو حلف کنيو هو جيڪو 25 جولاءِ تي ٿيندڙ عام چونڊون منعقد ڪرائڻ جو پابند آهي.