اين اي ٽيونجاهه: عمران خان اپيليٽ ٽربيونل ۾ پيش، نامزدگي ڪاغذ پورا ڪري ورتا

news

اسلام آباد: اربع 27 جون 2018ع: تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان اپيليٽ ٽربيونل ۾ پيش ٿي ويو جنهن کانپوءِ هو حلف نامي جي شق اين ڀرڻ کانپوءِ روانو ٿي ويو.

قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 53 اسلام آباد ٽو تان رٽرننگ آفيسر عمران خان جي نامزدگي ڪاغذن عوام جي فلاح بابت حلف نامي جي شق اين کي نه ڀرڻ تي رد ڪري ڇڏيو هو جنهن جي خلاف اپيليٽ ٽربيونل ۾ ٻڌڻي ٿي.

جسٽس محسن اختر ڪياني جي آڏو عمران خان پنهنجي وڪيل بابر اعواڻ سان گڏ پيش ٿيو ۽ پنهنجي نامزدگي ڪاغذن جي شق اين جي خاني ۾ لکت کي مڪمل ڪيو.

عمران خان شق اين ۾ لکيو ته هن عوام جي فلاح لاءِ ڪينسر اسپتال ٺاهي، نمل يونيورسٽي ٺاهي ۽ عوام کي آئيني حقن جي جدوجهد ڪرڻ جو شعور ڏنو.

ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن ٽربيونل ڪراچي مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 243 تي عمران خان کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. عمران خان جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري جي رٽرننگ آفيسر جي فيصلي جي خلف اپيل داخل ڪئي وئي هئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو يوو هو ته عمران خان نامزدگي ڪاغذن تي جعلي صحيحون ڪيون پوءِ سندس نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا.

اپيليٽ ٽربيونل اپيل ڪندڙ جا اعتراض ٽيڪينڪل بنيادن تي رد ڪندي چيو ته اپيل ڪندڙ لاڳاپيل تڪ جو ووٽر ناهي. اپيليٽ ٽربيونل آر او جو فيصلو برقرار رکندي عمران خان کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.