اين اي ايڪاسي: تحريڪ لبيڪ جو آصف جلالي اليڪشن وڙهڻ لاءِ نااهل قرار

news

لاهور: اربع 27 جون 2018ع: اپيليٽ ٽربيونل اين اي 81 تي تحريڪ لبيڪ جي مولانا اشرف جلالي کي اليڪشن وڙهڻ لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن اپيليٽ ٽربيونل جي جج جسٽس شهباز رضوي گوجرانوالا جي تڪ اين اي 81 تي مسلم ليگ ن جي ڪورنگ اميدوار عاطف فريد صابر جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.

اپيل ڪندڙ موقف اختيار ڪيو ته مولانا اشرف آصف جلال نامزدگي ڪاغذن ۾ ٽيڪس ريٽرن جو ذڪر نه ڪيو جڏهن ته هن ريٽرننگ آفيسر کي پاسپورٽ به جمع نه ڪرايو ۽ پنهنجي پرڏيهي دورن کان به آگاهه نه ڪيو ان ڪري هو آئين جي آرٽيڪل 62، 63 جي زد ۾ اچي ٿو ۽ اليڪشن وڙهڻ جي اهل ناهي.

جسٽس شهباز رضوي عاطف فريد جي اپيل تي فيصلو ٻڌائيندي آصف اشرف جلالي جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري جو ريٽرننگ آفيسر جو فيصلو ڪالعدم ڪندي آصف اشرف جلالي کي اليڪشن لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.