لڳاتار ستاويهن ڪلاڪن تائين گهمندڙ لاٽون نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو

news

ٽورنٽو: اربع 27 جون 2018ع: گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ باضابطه طور تي سند ڏيندي چيو آهي ته لمبو نالي لاٽون دنيا ۾ سڀ کان ڊگهي وقت تائين گهمندڙ برقي لاٽون آهي، ان لاٽون لڳاتار 27 ڪلاڪ، 9 منٽ ۽ 24 سيڪنڊ تائين گهمي هڪ نئون عالمي رڪارڊ جوڙيو آهي.

مٿان کان عام ڏسڻ ۾ ايندڙ لاٽون ۾ جديد ترين مقناطيسي نظام لڳل آهي جيڪو ان کي ڪلاڪن تائين بنا وقفي جي گمائيندو آهي.

ان جي اندر ڪيترائي مشيني پرزا لمبو جي گردشي جادو کي ممڪن بڻائيندا آهن، ان ۾ فلائي وهيل موٽر لڳل آهي جنهن ۾ جديد ترين موشن سينسر لڳايا ويا آهن.

چارج ٿيندڙ هڪ ننڍي بيٽري لڳاتار لمبو کي متوازن رکندي آهي ته جيئن هو هموار انداز ۾ گهمندو رهي، ان جي ڪري ئي اهو لاٽُن گهڻي دير کان رڪجندو آهي ۽ گهمندو رهندو آهي.

ان ۾ ايڪسيلرو ميٽر به آهي جيڪو موٽر جي طاقت سان سست ٿيندي لاٽون کي ٻيهر گهمڻ ۾ مدد ڏيندو آهي ۽ ايئن موٽر جي طاقت سان لمبو جو گهمڻ جاري رهندو آهي.

ان کي ٺاهيندڙ ٽيم جي هڪ ميمبر ٽام بين يهودا ٻڌايو ته لمبو گهمڻ جي وچ ۾ بهترين حڪمت عملي سکندو رهندو آهي ۽ گهٽ توانائي خرچ ڪندي گهڻي عرصي تائين ڪم ڪندو آهي جنهن جو سبب هڪ خاص سافٽ ويئر آهي. ان جي ڪري اهو ميوي ۽ ٽماٽي جي مٿان به گهمندو آهي ڇو ته اهو پاڻ کي غير هموار سطح جي لحاظ کان درست ڪندو رهندو آهي.