مراد علي شاهه آپي کان ٻاهر، وڊيو ٺاهڻ تي صحافي کي ڇنڊ

news

ڀان سيد آباد: اربع 27 جون 2018ع: سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه کي پنهنجي تڪ ۾ ووٽرن جي شڪايتن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو جنهن تي کيس جان ڇڏائڻ پئي.

عام چونڊون ويجهو اچي ويون آهن ۽ سياسي پارٽين جا اميدوار چونڊ مهم جي سلسلي ۾ پنهنجن پنهنجن تڪن جو دورو ڪري  رهيا آهن پر هن ڀيري ڪجهه سياسي اڳواڻڻ کي پنهنجي تڪ جي ماڻهن طرفان سخت سوالن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

گذريل  ڏينهن پيپلز پارٽي جو اڳواڻ خورشيد شاهه پنو عاقل جي دوري تي ويو جتي ووٽرن ان کان سخت سوال ڪيا ۽ پڇيو ته 10 سالن جي حڪومت ۾ رهڻ جي باوجود پنهنجي علائقي لاءِ ڇا ڪيو؟ نوجوان جي سوال تي خورشيد شاهه جواب ڏيڻ کان قاصر رهيو ۽ مسڪرائي هليو ويو.

خورشيد شاهه کانپوءِ هاڻ پيپلز پارٽي جي هڪ ٻئي اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير کي پنهنجي تڪ پي ايس 80 سيوهڻ جي دوري تي ووٽرن کي منهن ڏيڻو پيو.

سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير واهڙ ۾ پنهنجي رهائشگاهه کان ٻاهر نڪتو ته هڪ ووٽر ان سان شڪايت ڪئي ته اوهان سان جي لاءِ ڇا ڪيو؟ منهنجو والد پيپلز پارٽي جو پراڻو ڪارڪن آهي پر اسان جي لاءِ ڪجهه نه ڪيو ويو.

ووٽر جي سوال تي مراد علي شاهه پهريان ته ان کي مڃائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ووٽر جي هر هر اصرار تي اڳوڻي وڏي وزير ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو مون کي ٻڌندي يا نه؟.

ووٽر کي هر هر ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ناڪامي تي مراد علي شاهه اتان کان هليو ويو جڏهن ته ان موقعي تي هڪ صحافي وڊيو ٺاهي رهيو هو جنهن کي اڳوڻي وڏي وزير وڊيو ٺاهڻ کان منع ڪيو ۽ ان جي نه مڃڻ تي ڪيميرا کي ڌڪ هڻي ڪڍيو.