مشهور هدايتڪار سنجي ليلا ۽ سلمان خان يارنهن سالن کانپوءِ ٻيهر گڏجي ڪم ڪندا

news

ممبئي: اربع 27 جون 2018ع: يارنهن سالن کانپوءِ ٻيهر مشهور هدايتڪار سنجي ليلا ۽ سلمان خان هڪ فلم ۾ گڏجي ڪم ڪندا.

خبر موجب بالي ووڊ جو نالي وارو هدايتڪار سنجي ليلا ۽ سلمان خان ٻيهر گڏجي ڪم ڪندا سنجي ليلا جو چوڻ آهي ته اداڪار سلمان خان سان گڏ ٿيڻ وارو هي پروجيڪٽ ٻين فلمن جي ڀيٽ ۾ تمام وڏو آهي.

مونکي لڳي نه ٿو ته سلمان خان کانسواءِ ڪو ٻيو اداڪار ان ڪردار کي نڀائي سگهي، جڏهن ته سنجي ليلا اهو اڃا ظاهر نه ڪيو ته سلمان خان کي ايندڙ فلم ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.