جي ڊي اي اتحاد نه پر انتشار آهي، بلاول ڀٽو جو شاندار استقبال ڪنداسين: فضيل حبيب شاهه

news

 حيدرآباد: اربع 27 جون 2018ع: پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو جو مٽياري اچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويندو، ان حوالي سان تياريون شروع ڪيون ويون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار پ پ اڳواڻ سيد فضيل حبيب شاھ آن لائين انڊس نيوز سان ڳالهائيندي ڪيو.

هن چيو ته عام چونڊن ۾ پ پ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي، پ پ کي ڪمزور سمجهندڙ بيوقوفن جي دنيا ۾ رهن ٿا، جي ڊي اي وارا اليڪشن کانپوءِ عوام کي لڀي ڪونه لڀندا، عوام خالي سکڻن نعرن تي جي ڊي اي کي ووٽ نه ڏيندو.

هن وڌيڪ چيو ته جي ڊي اي کي عوام مان اميدون ناھن، ان ڪري نگران سيٽ اپ تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي، عوام وٽ ھنن جي ڪا اھميت ناھي، ھنن سنڌ کي ڪجھ ناھي ڏنو، انھن وٽ ڪو به منشور ناھي. هن چيو ته ميڊيا ذريعي جي ڊي اي وارا پريشر وجھڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن، ھو عوام ذريعي مقابلو ڪن، آفيسر ڇا ٿا ڪري سگھن، اھو اتحاد ناھي، اهو انتشار آھي.