فٽ بال ورلڊ ڪپ: اڄ گروپ اي ۽ ايف مان پري ڪوارٽر فائنلسٽ جو فيصلو ٿيندو

news

ماسڪو: اربع 27 جون 2018ع: فٽ بال ورلڊ ڪپ ۾ اڄ گروپ اي ۽ ايف جون ٻه، ٻه آخري ميچون کيڏيون وينديون، جرمني، ڏکڻ ڪوريا ۽ ميڪسيڪو سويڊن مهاڏو اٽڪائينديون، برازيل، سربيا ۽ سوئٽزرلينڊ، ڪوسٽاريڪا جا مقابلا به ٿيندا.

روس ۾ جاري ورلڊ ڪپ ۾ اڄ گروپ اي ۽ ايف جون ٻه، ٻه آخري ميچون کيڏيون وينديون، ڪازان فٽ بال ايرينا ۾ گروپ اي جي ٽيمن جرمني ۽ ڏکڻ ڪوريا جو ٽڪراءُ ٿيندو، ڪوريا ايونٽ کان ٻاهر ٿي چڪي آهي، دفاعي چيمپيئن جرمني کي پري ڪوارٽر فائنل ۾ رسائي لاءِ لازمي فتح جي ضرورت آهي.

ڪيٽربرگ جي سينٽرل اسٽيڊيم ۾ ميڪسيڪو ۽ سويڊن آمهونسامهون ٿينديون، ميڪسيڪو ڇهن پوائنٽن سان گروپ اي ۾ ٽاپ تي آهي، سويڊن جون ٽي پوائنٽون آهن، ميڪسيڪو کي فائنل 16 ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ صرف ميچ ڊرا ڪرڻي آهي. سويڊن ۽ جرمني جي ڪاميابين سان ٽنهي ٽيمن جون پوائنٽون ڇهه، ڇهه ٿي وينديون ۽ پري ڪوارٽر فائنلسٽ جو فيصلو گول اويريج تي هوندو.

ماسڪو جي اوترگيتي ايرينا ۾ برازيل ۽ سربيا جو ٽڪراءُ ٿيندو، گروپ اي ۾ برازيل ۽ سوئٽزرلينڊ جون چار، چار پوائنٽون آهن، سربيا ٽي پوائنٽون حاصل ڪيون آهن، سربيا کي برازيل سان ميچ ۾ فتح حاصل ڪرڻ ضروري آهي، برازيل لاءِ ڊرا به ڪافي هوندو.