ڪشمور ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ اهلڪار زخمي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو

news

ڪشمور: اربع 27 جون 2018:ڪشمور ويجهو آرڊي 82 وٽان هٿياربندن جي موٽرسائيڪل سوار پوليس اهلڪار  محمد خان کوسو مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن دوران پوليس اهلڪار محمد خان کوسو پير ۾ گولي لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيو، جنهن کي علاج لاءِ ڪشمور اسپتال پهچايو ويو، جڏهن ته  هٿياربند فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

زخمي پوليس اهلڪار صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مزاري برادري جي هٿياربندن مون تي حملو ڪيو آهي. هوڏانهن پوليس اهلڪار تي حملي خلاف ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي مظاهرين هيومن رائيٽس جي استاد محمد عيسيٰ کوسو، عبدالطيف کوسو، عبدالواحد، عبدالجبار کوسو، پي ٽي آءِ ڊي ايم زيبا ۽ ٻين جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪندي سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي.01