شاهه رخ خان طرفان مدد واريون خبرون بي بنياد آهن: عرفان خان

news

 ممبئي: اربع 27 جون 2018ع: بالي ووڊ اداڪار عرفان خان جي ترجمان شاهه رخ خان طرفان عرفان خان لاءِ ڪنهن قسم جي مدد بابت خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن موجب گذريل ڏينهن خبرون سامهون اچي رهيون هيون ته شاهه رخ خان عرفان خان کي پنهنجي لنڊن جي رهائشگاهه جون چاٻيون کيس ڏنيون آهن ته جيئن هو اتي رهي سگهي پر عرفان خان اهڙين خبرن کي رد ڪندي چيو ته آهي سموريون خبرون بي بنياد آهن. عرفان خان جي نئين فلم ” ڪاروان “ آهي، جيڪا 3 آگسٽ تي نمائس لاءِ پيش ڪئي ويندي.