آمريڪي ماهرن شگر جي مريضن لاءِ انسولين جي گوري تيار ڪري ورتي

news

 ڪيمبرج: اربع 27 جون 2018ع: آمريڪي ماهرن شگر جي مريضن لاءِ انسولين جي گوري تيار ڪري ورتي آهي.

آمريڪي ميڊيا مطابق شگر جي مريضن لاءِ روزانو سُئين ذريعي انسولين بدن ۾ داخل ڪرڻ جو عمل انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي پر هاڻي ٽائيپ ون شگر جي ڪروڙين مريضن لاءِ هڪ نئون طريقو اميد جي ڪِرن بڻجي سگهي ٿو، ان ۾ هو عام گوري کي انسولين جيان وات ذريعي جسم جو حصو بڻائي رت ۾ شگر جي مقدار کي قابو ۾ رکي سگهن ٿا.

انسولين جي سُئي سان مريض خوفزده هوندا آهن ۽ ان لاءِ هو باقاعده انسولين استعمال ڪرڻ کان گهٻرائيندا آهن، ان سان انهن جي صحت وڌيڪ خراب ٿي ويندي آهي ۽ ٻيون پيچيدگيون جنم وٺنديون آهن.