روهنگيا مسلمانن تي ظلم ڪندڙ فوجي اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: ايمنسٽي انٽرنيشنل

news

 لنڊن: اربع 27 جون 2018ع: انساني حقن جي عالمي تنظيم ”ايمنسٽي انٽرنيشنل“ ميانمار ۾ روهنگيا مسلمانن تي فوج طرفان ڪيل ظلم بابت هڪ تازي رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ پر تشدد ڪارروائين ۾ ملوث گهٽ ۾ گهٽ 13 سينيئر فوجي اهلڪارن جا نالا جاري ڪيا ويا آهن، تنظيم انهن اهلڪارن خلاف انسانيت خلاف ڏوهن جو ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

جرمن نشرياتي اداري مطابق انساني حقن جي ان تنظيم جو مطالبو آهي ته ڄاڻايل فوجي اهلڪارن خلاف انسانيت خلاف ڏوهن تحت ڪارروائي ڪئي وڃي. ان رپورٽ جو عنوان ”اسان سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏينداسين“ آهي ۽ اهي ميانمار جي هڪ فوجي اهلڪار جا لفظ آهن.

رپورٽ مطابق اهي لفظ ميانمار جي فوجين جي روهنگيا مسلمانن جي حوالي سان اختيار ڪيل حڪمت عملي جي عڪاسي ڪن ٿا.