نيپرا بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ هڪ رپيو پنجويهه پئسا واڌ ڪري ڇڏي

news

 ڪراچي: اربع 27 جون 2018ع: بجلي جي ورڇ جي ذميوار اداري نيپرا بجلي جي قيمت هڪ رپيو 25 پئسا وڌائي ڇڏي آهي، قيمتن ۾ واڌ جي منظوري مئي جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي، جنهن سان صارفين تي 15 ارب 70 ڪروڙ رپين جو بار پوندو.

گذريل مئي مهيني ۾ ريفرنس فيول لاڳت 5 رپيا 27 پئسا في يونٽ رهي. سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي بجلي جي اگهن ۾ هڪ رپيو 32 پئسا واڌ جي درخواست ڏني هئي. مئي ۾ مهانگي فرنس آئل سان 19.30 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي، جنهن تي 12 رپيا 47 پئسا في يونٽ لاڳت آئي، ٻاهران گهرايل ايل اين جي مان 23.85 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي، جنهن تي 9 رپيا 10 پئسا في يونٽ لاڳت آئي.

نيپرا ميمبر مطابق سسٽم جي ٽيڪنيڪي ۽ انتظامي نقصان جي ڪري سرڪولر ڊبٽ وڌي رهيو آهي ۽ ان سان ٿيندڙ نقصان صارفين کي ادا ڪرڻا پون ٿا. هن چيو ته قطر مان 13 رپين ۾ گئس ورتي پئي وڃي پر بلوچستان کي 6 رپيا ڏيڻ لاءِ ڪو تيار نه آهي، جيڪڏهن سستي گئس ڏني وڃي ته بجلي جي قيمت في يونٽ رڳو 30 يا 35 پئسا اضافو ڪرڻو پوي ها.