اسان هميشه افغان مسئلي کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي حمايت ۽ مطالبو ڪندا رهيا آهيون: مليحا لوڌي

news

 نيويارڪ: اربع 27 جون 2018ع: گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي مليحا لوڌي افغانستان جي سڀني ڌرين ۽ عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته اهي افغانستان ۾ مصالحت جي سلسلي ۾ تازن قدمن سبب پيدا ٿيل موقعن مان ڀرپور فائدو وٺن ته جيئن ان جنگ سٽيل ملڪ ۾ جٽادار امن کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملي ۽ پاڪستان ان سموري عمل ۾ مدد ڪندو.

هن عالمي اداري جي 15 رڪني سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو ته افغانستان ۾ امن جي قيام جي سموري ذميواري جو بار افعانستان ۾ وڙهندڙ انهن سڀني ڌرين تي آهي جيڪي افغان تڪرار ۾ سڌي ريت ملوث آهن، جڏهن ته پاڪستان پنهنجي حصي طور قابل اعتماد امن عمل جي شروعات جي ڪوششن ۾ هر ممڪن حد تائين مدد ڪندو.

افغانستان جي صورتحال بابت بحث ۾ حصو وٺندي هن چيو ته عيد جي موقعي تي افغانستان ۾ ڪيترن ئي سالن تائين خوني جنگ وڙهندڙن سان مصالحت جا منظر ڏسڻ لاءِ مليا. طالبان طرفان جامع جنگ بندي ڪرڻ ان ڳالهه جي عڪاسي آهي ته طالبان جي قيادت کي چر پر تي ڪنٽرول حاصل آهي ۽ اها سياسي تڪرار کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي اهل آهي.

مليحا لوڌي چيو ته اسان سڀ به ان مسئلي کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي حمايت ۽ مطالبو ڪندا رهيا آهيون ۽ ان تڪرار کي ڳالهين ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته هن مهيني جي شروعات ۾ ٿيل جنگ بندي جهڙي تازي اڳڀرائي مان سنجيدگي سان فائدو وٺڻ گهرجي، افعانستان ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام ۽ مسئلي جو  سياسي حل ڪڍڻ لاءِ جٽادار ڪوششون ڪرڻ گهرجن.