اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ته شفاف چونڊ ڪرائڻ لاءِ سمورن انتظامن کي يقيني بڻائي: راجا ظفر الحق

news

 اسلام آباد: اربع 27 جون 2018ع: سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر راجا ظفرالحق چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي اها بنيادي ذميواري آهي ته اها آزاداڻيون، شفاف ۽ منصفاڻيون چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ سمورن انتظامن کي يقيني بڻائي، چيف اليڪشن ڪمشنر کي چيو آهي ته هو سمورين سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ برابر موقعو فراهم ڪري.

مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ زاهد حامد سان گڏ چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات دوران کيس چيو آهي ته چونڊ عمل ۾ سمورين سياسي پارٽين کي برابر موقعا فراهم ڪيا وڃن ۽ اهو تاثر ختم ڪرڻ گهرجي ته ڪجهه سياسي پارٽين جي لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪيون پيون وڃن.

هن چيو ته ڪميشن خاطري ڪرائي آهي ته اها پنهنجي آئيني حدن ۾ رهندي پنهنجو ڪم جاري رکندي. هن چيو ته اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ۾ مسلم ليگ (ن) جي اين اي 59 تان اميدوار انجنيئر قمرالاسلام جي گرفتاري جي معاملي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.