پ پ وچ پنجاب جي ٽڪيٽ هولڊرز جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي

news

 لاهور: اربع 27 جون 2018ع: پاڪستان پيپلز پارٽي سينٽرل پنجاب ۾ مختلف تڪن تان عام چونڊون  2018ع  ۾ حصو وٺندڙ پارٽي ٽڪيٽ هولڊرز جي حتمي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي.

جاري ٿيل فهرست مطابق اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف اين اي 58 تان چونڊ وڙهندو، پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب جو صدر قمر زمان ڪائره اين اي 70، ثمينه خالد گهرڪي اين اي 132، چوڌري محمد اسلم گل اين اي 133،تسنيم احمد قريشي اين اي 90، مخدوم سيد فيصل صالح حيات ۽ اورنگزيب برڪي اين اي 114 تان چونڊ وڙهندا، پاڪستان پيپلز پارٽي  محمد افضل کوکر کي اين اي 52، سبط الحسن بخاري کي اين اي 53، راجه عمران اشرف کي اين اي 54، سردار ذوالفقار حيات کي اين اي 55، سرادر سليم حيدر کي اين اي 56، ڪامران اسلم چوڌري اين اي 59، مختار عباس اين اي 60، حاجي گلزار اعواڻ اين اي 61، سمير اگل اين اي 62، ملڪ جبار احمد چلا اين اي 64، ملڪ هاشم خان اعواڻ اين اي 65، تسنيمناص گجر اين اي 66. ڪمانڊر فياض اشرف اين اي 67، چوڌري اظهر اقبال اين اي 68، وزيرالنساءَ اين اي 69، چوڌري احسان اين اي 71، ملڪ طاهر اختر  اين اي 72. زرار محمد ملڪ اين 73، نرگس فيض ملڪ اين اي 74، ڊاڪتر ظهير الحسن رضوي اين اي 75، ياسر مشتاق باجوه اين اي 76، محمد نواز اين اي 77 ، اعجاز احمد چيمه اين اي 79، رائو اڪرام علي اين اي 80، محمد انس امجد چوڌري اين اي 81، محمد اسحاق اين اي 82، چوڌري ذوالفقار علي اين اي 84، آصف بشير ڀڳت اين اي 85 ۽ فخر عمر حيات لاليڪا اين اي 86 شامل آهن. پ پ اميدوار (ر) برگيڊيئر اظهار الحسن اين اي 88 تان چونڊ وڙهندو، جڏهن ته چوڌري محمد اسلم اين اي 89، طارق محمود گجر اين اي 91، آغا نسيم عباس اين اي 93، صفدر علي اين 94، محمد خان خان اين اي 95، ايم خالد اعواڻ اين اي 96، مخدوم سيد اسد حيات اين اي 99، عنايت علي شاهه اين اي 100، طارق باجوا اين اي 101، راءِ ايم شاهجهان کرل اين اي 102، شهادت خان بلوچ اين اي 102، رانا فاروق سعيد خان اين اي 104، چوڌري سعيد اقبال اين اي 106 تان پارٽي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهندا. اين اي 107 پيپلز پارٽي ملڪ سردار محمد کي ٽڪيٽ جاري ڪئي آهي. اهڙيءَ ريت اين اي 108 ملڪ اصغر علي قيصر، اين اي 109 لاءِ حاجي ايم افضل، اين اي 111 لاءِ حاجي ايم اسحاق، اين اي 118 لاءِ راءِ شاهجهان ڀٽي، اين اي 122 تان ايم جاويد ڀٽي، اين اي 124 تان چوڌري ظهير احمد، اين اي 125 تان حافظ زبير ڪاردار، اين اي 127 تان عدنان گورسي، اين اي 128 تان سيد ظفر علي شاهه، اين اي 129 تان افتخار شاهد پ پ جي ٽڪيٽ تان 2018ع جي اليڪشن وڙهندا. اهڙيءَ ريت پاڪستان پيپلز پارٽي عديل غلام الحي الدين کي اين اي 130 لاءِ نامزد ڪيو آهي. آصف محمود ڀٽيءَ کي اين اي 130، سهيل اعواڻ اين اي 134، امجد علي جٽ اين اي 135، رانا جميل احمد اين اي 136، راءِ مجتبيٰ کرل اين اي 141، نواب طارق اين اي 142، شهزاد نول اين اي 144، ميان شوڪت علي باجوا اين اي 146، مهر غلام فريد کاٽيا اين اي 148 ۽ علي جاويد اين اي 149 کي اليڪشن 2018ع لاءِ سينٽرل پنجاب لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.

اهڙيءَ ريت خالي پيل تڪن تي نالن کي حتمي شڪل ناهي ڏني وئي. پيپلز پارٽي سينٽرل پنجاب لاءِ قومي اسيمبليءَ جي 71 سيٽن لاءِ اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته 131 نالا صوبائي تڪن لاءِ فائنل ڪيا ويا آهن.