ٺيڪا ڏيڻ جو الزام: نيب مفتاح اسماعيل کي ٻيهر طلب ڪري ورتو

news

اسلام آباد: خميس 28 جون 2018ع: نيب ناڻي جي اڳوڻي وزير مفتاح اسماعيل کي هڪ ڀيرو ٻيهر طلب ڪيو آهي.

ذريعن موجب مفتاح اسماعيل تي چيئرمين سئي سدرن طور گيس ڪمپني غير قانوني ٺيڪا ڏيڻ جو الزام آهي ۽ ان ڏس ۾ نيب کيس اڳ به 20 جون تي طلب ڪري چڪي آهي.

ڪراچي نيب مفتاح اسماعيل کي 5 جولاءِ تي ٻيهر گهرايو آهي، کيس جي جي وي ايل ايس ڪيس ۾ گهرايو ويو آهي. ٻئي پاسي نيب عملدارن جو چوڻ آهي ته سينيٽر رانا محمود الحسن خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي تصديق ڪرائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.