شاهد خاقان عباسي ۽ فواد چوڌري چونڊ فارم رد ٿيڻ وارو فيصلو چئلينج ڪري ڇڏيو

news

 لاهور: خميس 28 جون 2018ع: اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري پنهنجن اباڻن تڪن تي نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ وارو فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.

نجي ٽي وي مطابق ٻنهي اميدوارن اليڪشن اپيليٽ ٽربيونل جي فيصلي کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پنهنجي وڪيل خواجا طارق رحيم ذريعي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي ۽ نااهلي واري فيصلي کي چئلينج ڪيو.

شاهد خاقان عباسي درخواست ۾ موقف ڄاڻايو آهي ته ايپليٽ ٽربيونل اختيارن جون حدون ڪراس ڪيون، ٽربيونل کي تاحيات نااهلي جو ڪو اختيار ناهي. درخواست ۾ ايپليٽ ٽربيونل جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي.

ٻئي پاسي پي ٽي آءِ ترجمان فواد چوڌري هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ته ٽربيونل مطابق پرڏيهي ملڪن جي دورن تي 32 لک خرچ جا تفصيل نه ڌنا، ٽربيونل حقيقتن جي ابتڙ نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا.