سپريم ڪورٽ پي آءِ اي جي گذريل ڏهن سالن جي اسپيشل آڊٽ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

news

 اسلام آباد: خميس 28 جون 2018ع: سپريم ڪورٽ پي آءِ اي کي گذريل 10 سالن جي اسپيشل آڊٽ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ پي آءِ اي جي جهازن تي جهنڊي بدران جانور جي تصوير لڳائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان رمارڪس ڏنا ته جهازن تي جانورن جون تصويرون لڳائڻ بدران باٿ رومن کي بهتر ڪريو، ان ڪيس ۾ مداخلت جو سبب پي آءِ اي جي خساري جا سبب ڄاڻڻ آهي.

چيف جسٽس چيو ته پسند نا پسند سبب اداري کي نقصان پهتو، جيڪي ماڻهو ذميوار آهن، انهن هائوسنگ سوسائٽيون ۽ فارم هائوس ٺاهي رکيا آهن، پي آءِ اي انتظاميا مضبوط هٿن ۾ هجڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ ٻڌڻي دوران شجاعت عظيم ۽ اڳوڻي ايم ڊي اسلم آغا جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏيندي ٻنهي کي عارضي طور تي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

عدالت آڊيٽر جنرل پاڪستان کي قومي ايئر لائين جي گذريل 10 سالن جي اسپيشل آڊٽ جو حڪم به ڏنو ۽ فيصلو اچڻ تائين ڪانٽريڪٽي پائيليٽس کانسواءِ پي آءِ اي ۾ ڀرتين ۽ برطرفين تي پابندي برقرار رکي.