ايپليٽ ٽربيونل جو فيصلو معطل، فواد چوڌري کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ملي وئي

news

 لاهور: خميس 28 جون 2018ع: لاهور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو معطل ڪندي فواد چوڌري کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

اليڪشن ايپليٽ ٽربيونل گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري جي اباڻي تڪ اين اي 67 جهلم تي سندس نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا هئا. اهڙي فيصلي کي فواد چوڌري لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو. نجي ٽي مطابق لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مظاهر اڪبر نقوي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ فواد چوڌري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت ٻڌڻي دوران فواد چوڌري جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ واري اليڪشن ايپليٽ ٽربيونل جي فيصلي کي معطل ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ کي جهلم جي تڪ اين اي 67 تي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. جڏهن ته عدالت اليڪشن ڪميشن ۽ ٽربيونل سميت ٻين لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس پڻ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

عدالتي فيصلي کانپوءِ فواد چوڌري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته الله جو شڪر ادا ڪريان ٿو ته مون سان انصاف ٿيو، منهنجي حوالي سان اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو تڪراري هو، جهڙي ريت فيصلو معطل ٿيو، ان سان انصاف جو رتبو مٿانهون ٿيو آهي.