دنيا ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ ڪرڪيٽ جا شوقين موجود، نوي سيڪڙو جو ڏکڻ ايشيا سان تعلق

news

دبئي: خميس 28 جون 2018ع: پوري دنيا ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ ڪرڪيٽ جا شوقين موجود اهن انهن مان گهڻي تعداد ۾ مرد شامل آهي جن جي اندازن عمر 34 سال آهي.

پوري دنيا ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ ڪرڪيٽ جا شوقين موجود آهن انهن مان گهڻي تعداد ۾ مرد شامل آهن جن جي عمر اٽڪل 34 سال آهي، اها ڳالهه نيلسن اسپورٽس طرفان ڪيل سروي ۾ سامهون آئي جيڪا انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ڪرائي هئي.

90 سيڪڙو شوقينن جو تعلق ڏکڻ ايشيا سان آهي، انهن مان 39 سيڪڙو عورتن جي به آهي، صرف اهو ئي نه پر سروي ۾ اهو به انڪشاف ٿيو ته ٽيسٽ فارميٽ بدستور سڀ کان مقبول ۽ ان ۾ 80 سيڙو شوقينن جي دلچسپي آهي.

آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته اها انهن طرف ڪرايل سڀ کان وڏي سروي هئي جنهن ۾ پوري دنيا مان 19 هزار شوقينن جا انٽريو به ورتا ويا، انهن جي عمر 16 کان 69 سالن جي وچ ۾ هئي، هن وقت پوري دنيا جي توجهه فٽ بال ورلڊ ڪپ تي آهي پر ڏکڻ ايشيا ۾ بدستور ڪرڪيٽ ئي سڀ کان اڳتي آهي.

آءِ سي سي جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊيو رچرڊسن چيو ته سروي مان ظاهر ٿي ويو ته بدستور ٽنهي فارميٽس تي توجهه برقرار رکڻ جي ضرورت آهي، اسان کي پوري اميد آهي ته ايندڙ سال جولاءِ کان شروع ٿيندڙ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ان راند جي مقبوليت ۾ وڌيڪ واڌ ڪندي، اسان جي گلوبل حڪمت عملي جو مقصد راند کي وڌ کان وڌ ڦهلائڻ آهي.