قمرالاسلام جي گرفتاري سان شفاف اليڪشن منعقد ڪرڻ تي سواليا نشان لڳي ويو: شهباز شريف

news

لاهور: خميس 28 جون 2018ع: مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ن ليگ پنهنجن اميدوارن ۽ مخالف سياسي پارٽين جي اميدوارن جي نااهلين کي درست نه ٿي سمجهي ۽ قمرالاسلام جي گرفتاري سان آزاداڻي ۽ شفاف اليڪشن منعقد ٿيڻ تي سواليا نشان لڳي رهيو آهي.

مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته قمرالاسلام جي چونڊ مهم جي دورنا گرفتاري مذمت جوڳي آهي، مون کي ان گرفتاري تي ڳڻتي آهي، ان گرفتاري سان آزاداڻي ۽ شفاف اليڪشن منعقد ڪرڻ تي سواليا نشان لڳي ويو آهي، اهڙي طرح سياسي قيادت کي چونڊ عمل کان ٻاهر رکڻ جوش آئندا ناهي، نيب کي اهو تاثر ختم ڪرڻ گهرجي ته مسلم ليگ ن ان جي نشاني تي آهي.

هن چيو ته ن ليگ پنهنجن اميدوارن ۽ مخالف سياسي پارٽين جي اميدوارن جي نااهلين کي درست نه ٿي سمجهي، جمهوريت جي رو سان عوام جي عدالت ئي سڀ کان وڏي عدالت ثابت ٿيني، آئين ۽ قانون جي تحت عوامي عدالت ۾ پيش ٿي چڪا آهيون، عوام جي عدالت کي پنهنجو فيصلو ڪرڻ ڏنو وڃي ڇو ته جمهوريت جي روح موجب عوام جي عدالت ئي سڀ کان وڏي عدالت ثابت ٿيندي.

مسلم ليگ ن جي صدر جو چوڻ هو ته اسان جي خدمت جي سياست کي ڏوهه بڻائڻ درست ناهي، اسان ماضي ۾ به اهڙن هٿڪنڊن کي عوامي عدالت جي فيصلن سان ناڪام بڻايو، اڄ به عوام جي عدالت مسلم ليگ ن جي خلاف جاري سمورن هٿڪنڊن کي ناڪام بڻائي ڇڏيندي.

شهباز شريف چيو ته ن ليگ جي خلاف انتقامي ڪارروايون چونڊ مهم کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش آهي، اهڙيون ڪارروايون شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ تي شڪ پيدا ڪري ڇڏيا آهن.