چونڊن کان اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف کي ليا ۾ وڏو ڌچڪو

news

ليا: خميس 28 جون 2018ع: پاڪستان تحريڪ انصاف کي ليا ۾ وڏو ڌچڪو لڳي ويو، سيهڙ گروپ چار ٽڪيٽون ملڻ باوجود اوچتو پارٽي ڇڏي ڏني.

سيهڙ گروپ کي قومي اسيمبلي جي هڪ ۽ صوبائي اسيمبلي جون ٽي ٽڪيٽون ڏنيون ويون هيون پو به انهن پارٽي ڇڏي ڏني. سيهڙ گروپ جي پارٽي کان عليحدگي کانپوءِ تحريڪ انصاف اهي ٽڪيٽون مجيد نيازي گروپ کي الاٽ ڪري ڇڏيون.

ذريعن موجب سيهڙ گروپ کي پارٽي ۾ جهانگير ترين آندو هو جڏهن ته مجيد نيازي گروپ کي شاهه محمود قريشي جي حمايت حاصل آهي.

ٽڪيٽ نه ملڻ تي پي ٽي آءِ ليا ضلعي جي صدر بشارت رنڌاوا به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ هاڻ هو آزاد حيثيت سان اليڪشن وڙهندو.

تحريڪ انصاف جي پي پي 281 تي شهاب الدين سيهڙ پارٽي ڇڏي ويو، پي پي 282 تي سجاد خان سيهڙ به پارٽي ڇڏي ويو. ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي اين اي 187 تي اميدوار سردار بهادر سيهڙ پارٽي ڇڏي ويو.