منظور وٽو جي پٽ ۽ ڌيءَ کي پي ٽي آءِ پاران ٽڪيٽون جاري

news

لاهور: خميس 28 جون 2018ع: پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب جي اڳوڻي صدر منظور وٽو جي پٽ ۽ ڌيءَ کي پاڪستان تحريڪ انصاف ٽڪيٽون جاري ڪري ڇڏيون جڏهن ته هو پاڻ آزاد حيثيت سان قومي اسيمبلي جي اليڪشن وڙهندو.

پي ٽي آءِ ترجمان فواد چوڌري ٽڪيٽ جاري ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو ته منظور وٽو جي پٽ جهانگير وٽو ۽ ڌيءَ روبينا شاهين کي ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون.

پي ٽي آءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته منظور وٽو جي پٽ ۽ ڌيءَ کي پي پي 185 ۽ پي پي 186 جي ٽڪيٽ ڏني وئي.  ذريعن موجب منظور وٽو آزاد حيثيت ۾ قومي اسيمبلي جي اليڪشن وڙهندو.