آمريڪي اخبار جي آفيس تي فائرنگ، چار ڄڻا مارجي ويا، ويهه زخمي

news

 نيويارڪ: جمعو 29 جون 2018ع: آمريڪي رياست ميري لينڊ ۾ اخبار جي آفيس ۾ اڻڄاتل جوابدار انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوليس مطابق آمريڪي رياست ميري لينڊ جي علائقي ايناپوليس ۾ اخبار ڪيپٽل گزٽ جي نيوز روم ۾ فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي، جنهن دوران پوليس حملي آور کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 20 زخمي ٿي پيا آهن.