ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو تعصب تي ٻڌل آهي: رضا رباني

news

 اسلام آباد: جمعو 29 جون 2018ع: سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ميان رضا رباني فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) پاران پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي معاملي کي انتهائي بدقسمتي جي ڳالهه قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو فيصلو پوري قوم، پاڪ فوج ۽ سول سيڪيورٽي ادارن جي دهشتگردي خلاف قربانين کي نظرانداز ڪرڻ جي برابر آهي. پاڪستان دهشتگردي جي حوالي سان جيڪا قيمت ادا ڪئي آهي دنيا ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي.

هڪ بيان ۾ هن چيو ته ايف اي ٽي ايف پاران گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو تعصب تي ٻڌل آهي ۽ ان جو مقصد پاڪستان کي ڀت سان لڳائڻ آهي، پاڪستان دهشتگردي خلاف جيڪا قيمت ادا ڪئي آهي ان جو مثال دنيا ۾ نه ٿو ملي. هن چيو ته ناڻي واري نگران وزير کي پيرس ۾ ان سلسلي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ وڃڻ کان اڳ سينيٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي ها ۽ کيس پاڻ سان گڏ سينيٽ جي ناڻي ۽ گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽين جي چيئرمينن کي پڻ وٺي وڃڻ گهرجي ها. هن مطالبو ڪيو ته ايف اي ٽي ايف پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي فيصلي تي پنهنجي نظرثاني ڪري.